Sarmad Sindhi/ Rehman Mughul, Poet Molvi Abdullah Chandio
هن مولود شريف لاءِ ڊاڪٽر الطاف جوکيي لکيو هو ته:مولوي عبدالله چانڊيي جو مولود: ”محبوب مديني وارا، منهنجي دلبر دوست دلارا...“ آواز: رحمان مغل/ سرمد سنڌي...ذريعو: استاد اعجاز احمد ميمڻ مولوي عبدالله چانڊيي جي ننڍپڻ جو نالو هزار خان چانڊيو هو. مولوي صاحب انڊو-پاڪ سطح تي شهرت ماڻيندڙ بيباڪ ديوبندي مسلڪ جو عالم هو. شيعه عالم مولوي عبدالحميد چانڊيو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي سندس پٽ آهن.